شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي زولاجي شعبي جي انتظام ھيٺ ٽن ڏينھن جي سائنسي نمائش ۽ راندين جون سرگرميون منعقد ڪيون ويون. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو نمائش جي پڄاڻي واري تقريب جي صدارت ڪئي. نمائش ۾ شاگردن پاران بائيو ڊائيورسٽي، صحت جي مسئلن، موسمياتي تبديلي ۽ جهنگلي جيوت وغيرہ تي سائنسي ماڊلز ۽ تحقيقي پوسٽر ٺاهيا. شاگردن پاران 10 سائنسي ماڊلز ۽ 08 تحقيقي پوسٽر تيار ڪيا ويا. بي ايس سال ٽين جا شاگرد سائنسي ماڊلز جا فاتح رهيا جڏهن ته بي ايس سال چوٿين جا شاگرد تحقيقي پوسٽرز جا فاتح رهيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سائنسي نمائش ۽ راندين جي سرگرمين جي انعقاد تي زولاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فاخرہ سومرو ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو. وائيس چانسلر چيو تہ شاگردن جا تيار ڪيل ماڊلز سندن قابليت، عزم ۽ مهارت جي عڪاسي ڪن ٿا ڇو تہ اهي مستقبل جا سائنسدان آهن. مان پراميد آهيان تہ اسان جا شاگرد قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي مقابلي لاءِ تيار آهن. ڊاڪٽر فاخرہ سومرو نمائش ۾ وائيس چانسلر ۽ ٻين مهمانن کي ڀليڪار ڪيو. هن چيو تہ اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ هو سماج جي مختلف چئلينجز کي پوري محنت سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن نمائش ۽ راندين جي سرگرمين جي منتظمين کي ساراهيو. ان کان اڳ ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحسين شر نمائش ۽ راندين جي سرگرمين جو افتتاح ڪيو ۽ زولاجي شعبي جي ڪارڪردگي کي ساراھيو. راندين جي سرگرمين ۾ ڪرڪيٽ، رشہ ڪشي، ٿرو بال ۽ بيڊمنٽن جا مقابلا ڪرايا ويا، سائنسي نمائش جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر صفدر اڄڻ هو، تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحسين شر ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل هئا، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق جکراڻي، ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ، ڊاڪٽر حاڪم علي سهتو، ڊاڪٽر سجاد لاڙڪ، ڊاڪٽر مجيدہ رڪ، ڊاڪٽر زيب النساءِ ميمڻ، پارس سومرو، شاهد جکراڻي، سنڌو تاج، سميہ، ڪوثر، زوهيب شفقت ميمڻ ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.