شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي سي اين جي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، مظاهرين شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪندي جوابدارن جي رهائشگاهه تي ڪچي ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر ۽ سينئر صحافي لالا رحمان سمون، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري خالد کوکر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، ايڇ يو جي، جي جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، قربان پنهور، ڌڻي بخش باريجو، عرفان برفت، شوڪت ميمڻ، اسماعيل مجيد بلوچ، فهد جانوري، ڪي ڪي بروهي، حاڪم چانڊيو، ربنواز ابڙو اسد مڱريو، جبار ڪابورو، مير مرتضيٰ نوحاڻي، عالم پالاري، حيات ميراڻي، سھيل جويو، احمد علي ابڙو سميت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ دڪاندار اتحاد جي صدر رحيم جمالي، ضلعي ڪائونسل ميمبر شاهنواز برفت، فنڪشنل ليگ حق نواز برهماڻي، شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، سيوا اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو، رياض ناريجو، محمد علي گهانگهرو، ميوا صدر علي محمد شورو، ايڊوڪيٽ صادق بليدي، جسقم اڳواڻ ڪامريڊ سومر جمالي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا ان موقعي تي لالا رحمان سمون، خالد کوکر، اقبال ملاح، جئي پرڪاش موراڻي، قربان پنهور، ڌڻي بخش باريجو، عرفان برفت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث هڪ به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جيڪا گهرو وزير، توڙي آءِ سنڌ آڏو سواليه نشان آهي هنن چيو ته جان محمد جي قتل خلاف سموري سنڌ سراپاءِ احتجاج بڻيل آهي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي پريس ڪلبن تي احتجاج جاري آهن، جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نه صرف صحافي پر سول سوسائٽي به سراپاءِ احتجاج بڻيل آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي فيڊريل يونين آف جنرلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جنرلسٽس ڄامشورو يونٽ پاران ڄامشوري ضلعي جا صحافي سراپاءِ احتجاج بڻيل آهن. يونين آف جنرلسٽس جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکندي، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي صحافين سان ناانصافيون بند ڪيو وڃن، ورڪنگ جرنلسٽ کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.