تفصيل موجب ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميه ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر فضل امير اويسي جي هدايتن تي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي سربراهي هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان سول اسپتال تائين ريلي ڪڍي وئي ۔ ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪشمير ٿيندو پاڪستان ، پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا هنيا ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير جو جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. ريلي کي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947 ۾ ڀارت پاران ڪشميرتي غير قانوني قبضو ڪيو جنهن جي اسان اڄ تائين مذمت ڪندا اچون ٿا۔ ۽ هن ڏينهن کي يوم سياه طور ملهائيندا اچون ٿا اسين پوري دنيا کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشمير پاڪستان جو اٽوٽ حصو آهي جيڪو انشاالله جلد از جلد حاصل ڪري وٺندا. ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي جيڪو پاڪستان جو ٿي رهندو۔ اسين ڪشميرن جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندا سين ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جو عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڪشميري عوام ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت دنيا ۾ رياستي دشتگردي ڪري پيو جيڪا قابل مذمت آهي . اسان پوري قوم ڀارت کي پنهنجي مقصد ۾ هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين .ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين، پوليس ،صحافين، سول سوسائٽي نمائدن ،ضلعي اين جي اوز جي اڳواڻن ۽ صوبائي توڙي وفاقي مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي