ڪشمور امير فضل اويسي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ همير احمد قريشي, اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواني علي رضا 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر 2023 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جي شروعات ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ڪئي قومي انسداد پوليو مهم دوران ضلعي اندر 327582 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاء 836 موبائل ٽيمون 60 ٽرازٽ ۽ 60 مقرره ٽيمون گهر گهر وڃي 5 سال تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته 59 يو سي ايم او ۽ 06 تعلقه آفيسر مهم جي نگراني ڪندا پوليو عملدار گهٽ ڪارڪردگي وارين يوسين کي بهتر ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جئين ڪو به ٻار هن مهم کان رهجي نه وڃي جڏهن ته انڪاري ڪيسن تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي ڊپٽي ڪمشنر جي عملدارن کي هدايت ،ان موقعي تي ڊاڪٽر سشيل ڪمار ڪميونيڪيشن آفيسر بشير احمد چاچڙ ڊاڪٽر عادل اي پي آئي ڊبليو ايچ او ۽ ٻين واسطيدارن جا عملدارن موجود هئا