تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هر هفتي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهين جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان سندس وڪيلن درخواست آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي عملي کي جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت 21 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني جڏهن ته گذريل هفتي کان پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه پئي ڪرائي وڃي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو پنهنجي پٽن قاسم خان ۽ سليمان سان فون تي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ان ڪري هر هفتي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي پر جج ابوالحسنات جي موڪل تي هجڻ سبب درخواست تي ڪارروائي نه ٿي سگهي