اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدليه مخالف تقرير جي الزام ۾ نوازشريف جي خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي وئي آهي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2018ع کان ٻڌڻي هيٺ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي خلاف توهين عدالت جي درخواست 15 نومبر جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. اها درخواست مقامي شهري عدنان اقبال داخل ڪئي هئي جنهن ۾ نوازشريف جي خلاف 2018ع جي بيانن تي توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي آهي.