روس پاڪستان سان گئس پائپ لائين منصوبي تي ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو

پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائين منصوبي تي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته روس پاڪستان طرفان منصوبي جي اسٽرڪچر ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديلين سبب ناخوش آهي ذريعن موجب 10 آڪٽوبر تي روس ويندڙ پاڪستاني وفد جي ايجنڊا ۾ ڊگهي وقت جي تيل معاهدي کان علاوه گئس پائپ لائين جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل هو. جڏهن ته پاڪستاني وفد گئس پائيپ لائين جو ذڪر ڪيو ته روسي اختيارين انهي معاملي تي ڳالهين کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ذريعن چيو آهي ته روسي اختيارين پاڪستاني وفد کي ٻڌايو ته گيس پائيپ لائين جي معاملي تي پاڪستان پهريان پنهنجي گهر کي صحيح ڪري. 2016 ۾ منصوبي جي شروعات دوران روس گئس منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ آر ٽي گلوبل فرم کي نامزد ڪيو هو جڏهن ته پاڪستان جي طرفان سرڪاري ڪمپني انٽرسٽيٽ گئس سسٽمز کي ڪم ڏنو ويو هو پر ان کان پوءِ آمريڪا آر ٽي گلوبل تي پابنديون لڳائي ڇڏيون جنهن تي اهو منصوبو جنهن کي ان وقت نرٿ سائوٿ گيس پائيپ لائين جو نالو ڏنو ويو هو اهو اڌ ۾ رهجي ويو ۽ هينئر تائين پاڪستان جي انهي منصوبي تي اسٽرڪچر ۾ 6 ڀيرا تبديليون ڪيون ويون آهن ياد رهي ته 2021ع ۾ پائيپ لائين منصوبي جي اسٽرڪچر ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون انهن جي تحت منصوبي جو 74 سيڪڙو حصو پاڪستاني ڪمپنين کي ڏنو ويو جڏهن ته بقايا 26 سيڪڙو روسي ڪمپنين جي حصي ۾ آيو ان جو مطلب هو ته پاڪستاني ڪمپنيون منصوبي تي 74 سيڪڙو سرمائيڪاري ڪنديون جڏهن ته باقي سرمايو روسي ڪمپنيون لڳائينديون مئي 2021ع ۾ تحريڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ جو معاهدو طئي ٿيو جنهن تي ان وقت ماسڪو ۾ مقرر پاڪستاني سفير شفقت علي خان ۽ روسي وزير نڪولائي شلگي نوف صحيحون ڪيون پر انهي معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو هو جڏهن مسلم ليگ(ن) جي حڪومت آئي ته توانائي واري وزير مصدق ملڪ روس جو دورو ڪيو ۽ بي او ٽي جي بنياد تي انهي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو .انهي منصوبي جي تحت سرمائيڪاري روس کي ڪرڻي هئي ۽ 25 سالن کان پوءِ ان کي پاڪستان جي حڪومت حوالي ڪرڻو هو هاڻ تازين ڳالهين جي دوران روس ايترو ڪاوڙيل هو جو هن انهي منصوبي تي ڳالهين کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.