ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ۾ بيواھ عورت جو گھرڀاتين سان گڏ مبارڪپور پوليس خلاف احتجاج ايس ايڇ او مٿان نوجوان فيض محمد مھتم کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

منھنجي مڙس مرحوم ڌڻي بخش مھتم جي زمين ھڪ ايڪڙ ڏيرن جي پٽن کوکر برادري جي ماڻھن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي: بيواھ
ايس ايڇ او مبارڪپور سلطان راڄپر مخالفن کان پئسا وٺي منھنجي پٽ فيض محمد مھتم کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي: بيواھ عورت مائي سوڍي جو الزام
زمين جو کاتو کوکر برادي جو آھي مھتم ڌُر جا ماڻھو قبضو ڪيون ويٺا آھن نوجوان کي گم ناھي ڪيو الزام بي بنياد آھن: ايس ايڇ او سلطان راڄپر
رپورٽ موجب ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ۾ بيواھ عورت مائي سوڍي مھتم گھرڀاتين سان گڏ مبارڪپور پوليس خلاف پنھنجي حصي ۾ آيل ھڪ ايڪڙ زمين ۾ تنبو ھڻي قرآن پاڪ لوڏي احتجاج ڪيو آھي بيواھ عورت پنھنجي ننھن نصرت, نصيبان ۽ قاصدان سان گڏ احتجاج ڪندي الزام لڳايو آھي ته مرحوم مڙس ڌڻي بخش مھتم جي حصي ۾ ھڪ ايڪڙ زمين آھي جيڪا ڏيرن جي پٽن خدابخش عرف خدن مھتم ۽ ٻين کوکر برادري جي ماڻھن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي حصي واري زمين ۾ تنبو ھڻي قرآن پاڪ کڻي ھڪ ھفتي کان انصاف لاء احتجاج تي ويٺل آھيان بيواھ عورت الزام لڳايو آھي ته گذريل رات مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او سلطان راڄپر مخالفن کان پئسا وٺي زمين مان اٿارڻ لا۽ منھنجي پٽ فيض محمد مھتم کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ حراسان ڪري رھيو آھي احتجاج ڪندڙن عورتن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرائي زمين جو حق ڏنو وڃي ٻي پاسي ايس ايڇ او مبارڪپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته زمين کوکر برادري جي ماڻھن جي آھي جنھن تي مھتم ڌر جا ماڻھو قبضو ڪيون ويٺا آھن باقي نوجوان کي گم ڪرڻ وارو الزام بي بنياد آھي.