تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ مقامي ھال ۾ حافظ ربنواز چاچڙ جي ميزباني ھيٺ بين الاقوامي مذھب جي ھم آھنگي جو شاندار پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ ھندو، سک سميت مختلف طبقي فڪر جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انھي موقعي تي جي يو آءِ ضلعي اڳواڻ مفتي مولوي عبدالرحيم پٺاڻ، ميان عبدالحسيب ڀرچونڊي شريف، درگاھه غوثيه شريف جي گادي نشين سيد يعقوب شاهه جيلاني، سک برادري جي نوجوان سردار اجيت سنگھ آنند ھندو پنچائت جي دليپ ڪمار ٺاڪر، ايم ڊبليو ايم جي مير فائق علي خان جکراڻي، مولانا باقر سيد شمسي، مولانا ادب حسين نجفي، سيد منور علي شاھه، سيد محبوب علي شاھه جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ضلعو مذھبي رواداري ۾ رھيو آهي ھر فرقي سميت ھر مذھب جو مڪمل احترام ڪيو ويندو آهي اسلام اسانـکي انسانيت جو درس ڏنو آهي اللّٰه پاڪ سمورن انسانن جو خالق آهي مذھب ۾ اسان کي اقليتي برادري جو ذمو ڏنو آهي جنهن تي اسان جو فرض آهي ته ھندو، سک سميت جيڪي به ٻين مذھبن سان تعلق رکن ٿا ھنن سان به پيار، اخلاق سان پيش اچي ھنن جا حق به ادا ڪيون پاڪستان اسلامي جھموريه ملڪ آهي جتي ھر مذھب کي مڪمل آزادي مليل آهي سک، ھندو، عيسائي پنهنجي مذھبي تھوار آزادي سان ملھائي رھيو آهي سڀ پاڪستاني ھڪ آهن ملڪ دشمن مذھبي ۽ فرقا پرستي کي ھٿي ڏئي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاھين ٿا ملڪ جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج ۽ سندس ادارا اھڙن سازشن کي ناڪام ڪري رھيا آهن انھي وقت فلسطين ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رھيو آهي پر اقوامي متحدہ ڇو خاموش آهي عالمي طاقتن کي بيگناھه شھيد ٿيندڙ فلسطين جا معصوم ٻار، عورتون نظر نه ٿيون اچن فوري فلسطين تي بمباري بند ڪئي وڃي ڪشمير ۾ ڏاڍ جبر روڪيو وڃي انسانيت تي عمل ڪرايو وڃي اسين پاڪستان ۾ مذھبي رواداري کي وڌيڪ مضبوط ڪري پاڪستان کي مضبوط ڪنداسي انھي موقعي تي قاري شفيع محمد کوسو، مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي جمال الدين اوڳاھي، مولوي خان محمد ملڪ، حافظ عبدالقادر سيال، پير بخش بنگوار، راجا گوپي چند، فقير گوڪل داس، حضور بخش منگي، احمد علي مغل، نظير ميراڻي، قدرت اللّٰه ۽ ٻين شرڪت ڪئي،