اسرائيل جي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل جي لاءِ وجود جو امتحان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي وزيراعظم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي حماس کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻي آهي ڇو ته اهو اسان جي لاءِ وجود جو امتحان آهي نيتن ياهو ايران تي الزام لڳائيندي چيو ته ايران حماس جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته حماس جي فوجي بجيٽ جو 90 سيڪڙو ايران مان ايندو آهي. ايران حماس کي فنڊ ڏيندو آهي جنهن سان هو طاقتور ٿي رهيا آهن جڏهن ته ايران ئي حماس کي هدايتون جاري ڪندو آهي نيتن ياهو غزه ۾ پنهنجي جارحيت جي حوالي سان چيو ته غزه پٽي جي اندر جنگ ڊگهي ۽ مشڪل ٿي سگهي ٿي ڇو ته اسرائيلي فوجي فلسطيني زمين تي 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت کان آپريشن ڪري رهيا آهن. هن اعلان ڪندي چيو ته جنگ ٻئي مرحلي ۾ منتقل ٿي وئي آهي ۽ غزه ۾ حماس جي خلاف زميني ڪارروائي دوران به 200 کان وڌيڪ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوششون جاري رهنديون ياد رهي ته فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت جاري آهي جنهن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي جڏهن ته آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسرائيلي بربريت جي خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن.