ٺڪراٺي لڳ يوسي روپهر جي ڳوٺ موچي دڙو ۾ گذريل پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڏھ ڪروڙ کان وڌيڪ جي لاڳت سان تعمير ڪيل ڊسپينسري هن مهل تائين ڊاڪٽر سميت ٻيو عملو مقرر ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب اتان جي رهواسين جمن سوڍو ربڏنو سوڍو امداد سوڍو نور محمد نور دين سائينداد راڄڙ محمد قاسم راڄڙ محمد علي راڄڙ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان جي ڳوٺن ۾ جنهن ۾ موچي دڙو سانوڻ سوڍو لٺ وارو پير سومر شھيد همير منڱريو سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻھون علاج معالجي لاء سخت پريشان آھن جنهن سبب ايمرجنسي واري حالت ۾ ٺڪراٺي توڙي پنو عاقل سکر سميت ٻين شھرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ روز جي بنياد تي هڪ هزار جي لڳ ڀڳ او پي ڊي هجڻ باوجود اسان کي ڊسپنسري جي سهولت فراهم ڪئي وئي جيڪا مڪمل تعمير ٿي وئي جنهن جي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري ۽ ڊاڪٽر ۽ اسٽاف مقرر نه هجڻ ڪري ڊسپينسري ڪرڻ جو خدشو آھي اڳوڻي صوبائي وزير اسان جي تڪ مان چونڊيل نمائندي ڄام اڪرام داريجو جي ڪوٽا ۾ ڏھُ ڪروڙ کان وڌيڪ جي لاڳت سان تعمير ڪيل ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪري دوائون فراهم ڪيو وڃن هنن هوڏانهن يوسي روپهر جي چيئر مين فقير نصير مهر ضلعي ميمبر ريشم فقير منڱريو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻدايو ته هن ڊسينپسري کي کولرائڻ ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آھن پر عمل ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب وڏي آبادي علاج جي سهولت کان وانجهيل آھي هنن ڊي ايڇ او سکر صحت کاتي جي نگران صوبائي وزير کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته اسان جي ڊسپينسري کولرائي ڊاڪٽر سميت ٻيو اسٽاف مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو