اوٻاوڙو رت جا رشتا به قاتل بڻجي ويا ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو لڳ مرڪزي عيد گاه وٽ ننڍي ڀاءُ يوسف سولنگي پنهنجي وڏي ڀاءُ حق نواز سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي جتي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي وارث به پهچي ويا وارثن جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار پوليس سان وارثن جي ڏند چڪ جنهن کان پوءِ وارث لاش اباڻي ڳوٺ الله جوايو ڏهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو قتل جو ڪارڻ گهريلو مسئلو ٻڌايو پيو وڃي هوڏانهن گذريل ڏينهن جوابدار يوسف جي پٽن جي سنت طهر واري شادي هئي جيڪا ٻنهي ڀائرن شادي جي دعوت به گڏ هلائي. رات جو ڀائرن ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو آهي جو ڀاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري ظلم ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن ايس ايڇ او اوٻاورو منصور علي حتار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀائرن جو پاڻ ۾ گهر جو مسئلو هيو باقي جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو اسان جوابدار جي پويان آهيون