ڪنڌ ڪوٽ ۾ صحت کاتي جي عـلملدارن ۽ ڊرگ انسپيڪٽر سان گڏجي ضلعي انتظاميا ٽيم ميڊيڪل اسٽورن تي چاپا ھڻي ٿيو

ڪنڌ ڪوٽ ۾ صحت کاتي جي عـلملدارن ۽ ڊرگ انسپيڪٽر سان گڏجي ضلعي انتظاميا ٽيم ميڊيڪل اسٽورن تي چاپا ھڻي ميڊيڪل اسٽور مالڪن تي ڏنڊ مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ميڊيڪل اسٽور يونين پاران واقعي خلاف شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي آهي ـ ھڙتال سبب شھر جا اڪثر ميڊيڪل بند رکيا ويا آهن ـ ميڊيڪل اسٽور يونين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ صحت کاتي جي عملدارن کي ساڻ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌ ڪوٽ جي اڳواڻي ۾ ٽيم شھر جي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا ھڻي ڪاروايون ڪيون گھنٽاگھر چوڪ تي ميڊيڪل اسٽور تي ڏھ ھزار روپيا ڏنڊ وڌو آھي اھڙي عمل خلاف شٽر بند ھڙٿال ڪئي وئي آهي ھنن چيو ته شھر ۾ جتي غير قانوني نموني سان ڪم ھلي رھيو آهي ھنن خلاف ڪاروايون بدران اسان جو صاف سٿرو ۽ قانوني طريقي سان ميڊيڪل اسٽور ھلن پيا ھر روز اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي ھنن الزام لڳائيندي چيو ته ڀتو مقرر ڪرڻ لاء روز روز ڪاروايون ڪن ٿا بنا ڪنهن سبب جي اي سي ڪنڌ ڪوٽ حمير قريشي ۽ آفيس جو عملو اچي ڏھ ھزار روپيا ڏنڊ وڌو آهي جيڪو سراسر ناانصافي آهي اڳ به روينيو عملدارن اھڙيون حرڪتيون ڪيون ھيون جنهن بعد لکت ۾ معافي وٺي ويو ھاڻي وري اھڙو عمل ڪيو آهي ھنن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪاروباري شھرين کي تنگ ڪندڙ انتظاميا خلاف سخت ڪاروائي ڪري شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي جئين سڪون سان روزگار ڪري سگھن ٻئي طرف ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ته شھر اندر ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتو ڪاروايون ڪيون ته مدي خارج دوائون مليون ۽ ميڊيڪل اسٽورن ۾ ڪنهن به قسم جي صفائي سٿرائي نظر نه آهي جنهن ڪري گھنٽاگھر چوڪ تي ميڊيڪل اسٽور تي مدي خارج دوا ملڻ تي ڏنڊ وڌو ويو ۽ باقي ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي سختي سان ھدايتون پڻ ڪيون آهن جئين شھر ۾ انساني زندگين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي غريب مسڪين کي مدي خارج ۽ نقلي دوائون کان بچايو وڃي