شهيد جان محمد مهر جي قتل کي 77 ڏينهن گذري ويا پر قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا: اڳواڻ

سکر شهيد جان محمد مهر جا مک قاتل 77 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا، احتجاج جاري اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.
سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر پريس ڪلب آڏو 77 هين ڏينهن به سکر جي صحافين علامتي احتجاجي بک هڙتال وارو سلسلو ايس يو جئي جي نائب صدر خالد ٻانڀڻ جي اڳواڻي ۾ جاري رکيو، جنهن ۾ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، عمر سومرو، جلال الدين ڀيو، سحرش کوکر، ڪامران شيخ، محمد رضوان صديقي، يار محمد سومرو، ڪاشف ڦلپوٽو، عبدالغفور شيخ، صلاح الدين سميجو، اصغر عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سکر پوليس رڳو سهولتڪار گرفتار ڪرڻ ۾ پوري آهي اصل قاتل 77 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب صحافين ۽ شهيد جي وارثن ۾ بي چيني پکڙيل آهي، جيستائين ايف آءِ آر ۾ نامزد قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو صحافي احتجاج جاري رکندا حتجاج ۾ فضل الرحمان قريشي، آصف اعواڻ، جي ايم شيخ، آصف مهر، نياز حسين ابو پوٽو، فيضان ابڙو، عقيل احمد، اسلم دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ٻين پڻ يڪجهتي جو اظهار ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.