شيخ رشيد کي وڏو ريليف لال حويلي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي لال حويلي کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس مرزا وقاص رئوف فيصلو ٻڌايولال حويلي جون ٻئي ملڪيتون، رجسٽريون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو ويو هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته لال حويلي فوري طور تي ڊي سيل ڪئي وڃي. لال حويلي بابت ريفرنس کاتي جو چيئرمين نئين سري سان ٻڌڻي ڪندو عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته لال حويلي اسان جي ملڪيت آهي، اسان نسلي ۽ اصلي آهيون. سڀ الله تي ڇڏيندا آهيون پاڪ فوج اسان جي عظيم فوج آهي. جنرل عاصم منير معيشت بهتر ڪري ڇڏي آهي. جنرل عاصم منير ۽ جنرل نديم ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون شيخ رشيد چيو ته 9 مئي هڪ ڪڌو پروگرام هو ڪالهه به فوج سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به فوج سان گڏ آهيون. مون کان ڪابه غلطي ٿي آهي ته معافي گهران ٿو. ياد رهي ته لال حويلي شيخ رشيد احمد جي 36 سالن کان پراڻي ويهڪ آهي.