ڪنڌ ڪوٽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي شٽربند ھڙتال ٻھ ڏينهن جاري رھڻ بعد ميڊيڪل اسٽور يونين جي صدر پرڪاش لال منشاڻي

ڪنڌ ڪوٽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي شٽربند ھڙتال ٻھ ڏينهن جاري رھڻ بعد ميڊيڪل اسٽور يونين جي صدر پرڪاش لال منشاڻي جي صدارت ھيٺ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين ڪيل ناانصافي جو ازالو نه ٿيندو شھر ۾ ميڊيڪل مڪمل بند رھندا انھي حوالي سان ميڊيا سان ڳالھيندي پرڪاش لال ـ نارائڻ داس ۽ ٻين چيو ته سڀ کان پھريان ته اي سي کي ڪو به اختيار نه آهي ته ھو بنا ڊرگ انسيپڪٽر جي ميڊيڪل اسٽورن جي مٿان ڪاروائي ڪري ڏنڊ رکي شھر اندر اصل لائنس ھولڊر ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي جيڪي قانوني طريقي سان ھلن پيا ھنن کي انتظاميا ۽ سندس ٽيم ميڊيڪل اسٽورن تي منٿلي مقرر ڪرڻ لاء اھڙيون ڪاروايون ڪري ناجائزي ڪئي پئي وڃي جڏھن ته غير قانوني بنا لائنس وارا ميڊيڪل اسٽور ھلن پيان جنهن ڪري اسين روز روز ٿيندڙ ناجائزين کان تنگ اچي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته فوري اسان سان ٿيل ناانصافي زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين سراپا احتجاج ھونداسي ۽ ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي جا ميڊيڪل اسٽور مڪمل بند رھندا