اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ 15 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته عدالت اهي درخواستون اڪلائي ڇڏيندي آهي ته نيب ٻيهر طلب ڪري وٺندي آهي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ بيان ڏنو ته بشريٰ بي بي ٽيون ڀيرو ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي. جڏهن ته گذريل 2 ڀيرا ضمانت جون درخواستون اڪلايون ويون هيون ۽ نيب طرفان چيو ويو هو ته بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ضرورت نه آهي. هنن هڪ ئي گرائونڊ تي 2 ڀيرا ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون آهن. هاڻ هي ٽيون ڀيرو درخواست داخل ڪري رهيا آهن. جاچ آفيسر ٻڌائي چڪو آهي ته گرفتاري جا وارنٽ جاري نه ڪيا آهن نه ئي هن وقت گرفتار ڪرڻ چاهيون ٿا. هي درخواست ٻڌڻ جوڳي ئي نه آهي بشريٰ بي بي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ هدايتون ڏئي چڪي آهي ته گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪيو وڃي. هڪ طرف نيب نوازشريف جي ڪيس ۾ بنا نوٽيس جي پيش ٿي ويندو آهي. هڪ طرف 9 مئي تي نيب پي ٽي آءِ چيئرمين کي اغوا ڪري وٺندو آهي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اهو اغوا نه هو گرفتاري هئي. نيب جي جاچ آفيسرن عدالت ۾ لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي اڃان تائين گرفتاري جي ضرورت نه آهي. جنهن کان پوءِ اسلام آباد جي عدالت دليل طلب ڪندي بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 15 نومبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.