ورلڊ ڪپ: بنگلاديش پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 31هين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان جي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي اهو ميچ ڪولڪته جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيو پيو پيو وڃي جتي بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي پاڪستان کي بالنگ جي دعوت ڏني آهي ٽاس جي موقعي تي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان جيڪڏهن ٽاس کٽيون ها ته پهريان بيٽنگ ئي ڪريون ها. اڄوڪي اهم ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن. امام الحق جي جڳهه فخر زمان، محمد نواز جي جڳهه، سلمان علي آغا ۽ شاداب خان جي جڳهه اسامه مير اڄوڪو ميچ کيڏندا.