قومي ايئر لائين جو فضائي آپريشن 800 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ٿيڻ کان پوءِ هاڻ بحالي طرف گامزن آهي پي آءِ اي جون اڄ گڏيل طور تي 45 اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون. قومي ايئر لائين جو فلائيٽ آپريشن بهتري طرف گامزن آهي جنهن موجب اڄ آپريٽ ڪيل اڏامن ۾ گهڻين اڏامن جو تعداد عالمي اڏامن جو آهي ذريعن موجب اڄ ننڍي سيڪٽر جي اڏامن جي روانگي به ممڪن بنائي پئي وڃي. اندرون ملڪ جي مختلف شهرن گلگت ۽ اسڪردو جون اڏامون به اڄ آپريٽ ڪيون وينديون. ان کان علاوه 8 ڏينهن کان پوءِ ڪراچي کان ڪوئٽه جون اڏامون به اڄ بحال ٿي رهيون آهن ياد رهي ته ٻارڻ جي تيل ۽ مالي بحران سبب پي آءِ اي جون 800 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ٿي چڪيون آهن جنهن جي ڪري قومي ايئر لائين کي 10 ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي.