پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شيراز احمد رانجها عمران خان کي جيل ۾ زهر ڏيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جيل ۾ زهر ڏيڻ واريون خبرون هلي رهيون آهن پر هاڻ سندس وڪيل اهڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان جي وڪيل شيراز احمد رانجها چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي زهر ڏنو ويو يا کيس زهر ڏيڻ جو خدشو آهي وڪيل شيراز احمد رانجها چيو ته مون کي ڪالهه سمجهڻ ۾ فرق لڳو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين تي 2 ڀيرا قاتلاحملو ٿي چڪو آهي ان لاءِ مون کي خدشو هو ته کيس سلو پوائزن ڏئي سگهجي ٿو.