ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي سربراهي ۾ پوليس جي وڏي نفري جو غيرقانوني پرڏيهين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. سپر هاءِ وي، يثرب ڳوٺ ۾ به آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس گهر گهر چيڪنگ جي لاءِ تلاش ايپ جو به استعمال ڪري رهي آهي وفاقي حڪومت طرفان غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي انهن کي پنهنجي ملڪ اماڻڻ جي لاءِ آپريشن جي ٻئي ڏينهن 2 نومبر تي صبح جو سوير ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر جي سربراهي ۾ پوليس جي وڏي نفري سائيٽ، سپر هاءِ وي جي علائقي يثرب ڳوٺ ۾ آپريشن ڪيو آپريشن ۾ ايس پي سهراب ڳوٺ، ايس پي گلشن اقبال، ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي سمورن ٿاڻن، ايس ايڇ اوز ۽ هيڊ محرر سميت ٿاڻن جي وڏي نفري حصو ورتو جڏهن ته آپريشن ۾ عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن جو به وڏو انگ موجود آهي آپريشن کان اڳ يثرب ڳوٺ جي سمورين گهٽين جو گهيراءُ ڪري داخلي رستن تي پوليس موبائيلون بيهاريون ويون آهن ۽ ڪنهن به شخص کي علائقي مان وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. پوليس جي وڏي نفري آفيسرن سان گڏ پوري يثرب ڳوٺ جي گهٽين ۾ داخل ٿي وئي جڏهن ته گهرن ۾ عورت اهلڪارن کي داخل ڪيو ويو آهي مردن کي گهرن کان ٻاهر گهرائي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ حڪومت طرفان پرڏيهين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا پيا وڃن آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي ايسٽ عرفان بهادر چيو آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهن جي ڊيٽا چيڪ ڪئي پئي وڃي. ڊيٽا جي تصديق بعد غيرقانوني پرڏيهين کي بورڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو ڪراچي ۾ حراست ۾ ورتل غيرقانوني پرڏيهين کي حاجي ڪيمپ ۾ قائم ڪيل هولڊ سينٽر ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. هولڊ سينٽر ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهوليتن جو انتظام به ڪيو ويو آهي. پرڏيهين جي دستاويزن جي تصديق لاءِ نادرا جي ڪيمپ به قائم ڪئي وئي آهي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروايون جاري آهن. وڌيڪ ڪيترن ئِي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي پوليس طرفان گرفتار ڪيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ افغان نيشنل ڪارڊ موجود آهن جيڪي پاڪستان جي حڪومت طرفان جاري ڪيا ويا آهن پر پوليس کين اڄ شام تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهين چيو ته گذريل 40 سالن کان وڌيڪ اسان هن علائقي ۾ رهائش پذير آهيون. هتي اسان جو ڪاروبار به آهي اوچتو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي هليا وڃون. ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن جو وقت ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجو گهر، ڪاروبار وڪرو ڪري افغانستان وڃي سگهون.