اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ لاءِ صدر عارف علوي کان ملاقات جو وقت گهري ورتو آهي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چونڊن جي تاريخ ٻڌائڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ايوان صدر سان رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات لاءِ اڄ جو وقت گهريو ويو آهي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري موجب ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان صدر عارف علوي سان مشاورت ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ عدالت ۾ سبميشن جمع ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ان سلسلي ۾ عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر سان چونڊن بابت مشاورت ڪندو. اليڪشن ڪميشن جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته آئيني بحث ۾ پوڻ کان سواءِ صدر عارف علوي سان مشاورت ڪئي ويندي ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان رانا جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت غور ڪيو ويو ذريعن موجب اجلاس ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات بابت مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته چونڊ تاريخ سميت آئنده جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويو. وڪيل سان مشاورت پڻ ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪهڙو موقف ڏيندو چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل، سيڪريٽري ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سپريم ڪورٽ جي سامهون پيش ٿيڻ بابت به غور ڪيو ويو.