پارڪ لين ريفرنس: احتساب عدالت آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ٻين جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاي ڪري ڇڏيا آهن احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ٻين خلاف پارڪ لين ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي ارشد تبريز پنهنجي موقف ۾ چيو ته جڏهن معاهدو ٿيو تڏهن آصف علي زرداري پارڪ لين جو ڊائريڪٽر نه هو جنهن تي عدالت چيو ته هن وقت ئي نوٽيس جاري ڪريون ٿا. دليل ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌنداسين عدالت آصف علي زرداري سميت 19 جوابدارن کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻين جوابدارن ۾ محمد اقبال، يونس قدوائي، اقبال خان نوري، حسين لوائي، عبدالغني مجيد، خواجه انور مجيد ۽ ايم فاروق عبدالله شامل آهن اسلام آباد جي احتساب عدالت جوابدارن کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ياد رهي ته گذريل ڏينهن ساڳئي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ به 18 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.