ميانوالي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاڪ فضائيه جي ٽريننگ ايئربيس تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو آهي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيه جي ميانوالي ٽريننگ ايئربيس تي هڪ ناڪام دهشتگرد حملو ڪيو ويو جنهن کي الحمدالله سيڪيورٽي فورسز وقت تي بهتر طريقي سان ناڪام بنائي ڇڏيو آهي. اهلڪارن ۽ اثاثن جي حفاظت کي يقيني بنايو ويو آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان وقت تي جوابي ڪارروائي دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا. حملي دوران پي اي ايف جي فنڪشنل آپريشنل اثاثن کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهتو جڏهن ته اڳ کان گرائونڊ ڪيل 3 غير آپريشنل جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي ٿورو نقصان پهتو آهي پي اي ايف ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي ڪومبنگ اينڊ ڪليئرنس آپريشن ٿيڻ کان پوءِ سمورن 9 ئي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.