اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري اسلام آباد مان گرفتار، گهر واري گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري جي گهر واري حبا چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مڙس کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي حبا چوڌري چيو ته فواد چوڌري کي اسلام آباد مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري کي سادن ڪپڙا پاتل ماڻهن ۽ پوليس گرفتار ڪيو اسان کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي ته کيس گرفتار ڇو پيو ڪيو وڃي ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪوٽ اسلام آباد اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي ڪيس ۾ 13 نومبر تائين ضمانت منظور ڪئي هئي.