غير شرعي نڪاح ڪيس: عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين جا دليل گڏ ٻڌڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف مبينه غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ڌرين جا دليل گڏ ٻڌڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف مبينه غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ٿيو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل شير افضل مروت عدالت ۾ پيش نه ٿيو، اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي اعليٰ عدليه جا مختلف حوالا ڏنا. اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي شير افضل مروت جي غير حاضري تي اعتراض اٿاريو وڪيل شير افضل مروت طرفان سندس ماتحت وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. پي ٽي آءِ جي ماتحت وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شير افضل مروت پرڏيهه ۾ آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو. پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. عدالت ڌرين جا دليل گڏ ٻڌڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جج قدرت الله ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس اڳيان وڌايو ويندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.