چونڊن جي تاريخ جو اعلان اتفاق راءِ سان ڪيو ويو، ڪنهن به پارٽي کي غيرقانوني قرار نه ڏنو ويو آهي: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عام چونڊن، ملڪي معيشت ۽ نگران حڪومت جي ڪارڪردگي سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽي مٿان پابندي نه آهي نه ئي ڪنهن کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اتفاق راءِ سان ٿيو آهي. پاڻ ۾ تعاون ڪري حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻو آهي. مان سمجهان ٿو ته چونڊن جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي. اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو اختيار استعمال ڪرڻ گهرجي. ڪميشن جيڪڏهن صدر يا حڪومت جي سربراهن سان مشاورت ڪرڻ چاهي ته ضرور ڪري. اليڪشن ڪميشن به ساڳيو ڪم ڪيو آهي نگران وزيراعظم چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي سياسي ريلين جي اجازت آهي. جلسن ۽ ريلين لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميه کان اجازت وٺڻ گهرجي. ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي نه آهي نه ئي ڪنهن کي پارٽي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي نگران وزيراعظم چيو ته اها ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ آهي جيڪا نگران حڪومت کي يقيني بنائڻي آهي. مقامي ۽ عالمي مبصر چونڊن جي نگراني ڪندا. جنهن کان پوءِ اهي ان نتيجي تي پهچندا ته چونڊون صاف شفاف ٿيون آهن يا نه ملڪ جي معاشي صورتحال بابت ڳالهيون ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. روپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي ان سان گردشي قرضن ۽ معيشت تي بهتر اثر پيا آهن نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي ڪم ٿي رهيو آهي. پاڪستان اسٽيل جي نجڪاري بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن. مشڪل فيصلا ڪرڻ چونڊيل حڪومت لاءِ مشڪل هوندو آهي پر نگران حڪومت لاءِ اهو ڪم مشڪل نه آهي.