ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺ سونو شنباڻي ۾ زميني تڪرار تان شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺين ۽ سروٽن لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٽي ڄڻا اڪبر علي، نادرعلي ۽ عاشق علي شنباڻي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث مبارڪپور ٿاڻو تي کڻائي آيا جتان کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل اماڻيو ويو زخمي ڌر جي عاشق علي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين جي معاملي تان اسانجو محمد پناھ وارن سان تڪرار هلندڙ آهي اڄ صبح جو انهن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو حملي آورن حسين بخش،غلام نبي،محمد پناھ،عرض محمد، امداد علي، محمد بخش، اسماعيل ، لياقت ۽ محمدحسن شنباڻي هٿن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي آيا ۽ اسان مٿان لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب مون سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن اسين علاج لاء پنوعاقل وڃي رهيا آهيون هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻو تي مٿي ڄاڻايل جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي علاج کانپوء ايف آء آر داخل ڪرائي قانوني ڪارروائي ڪرائيندا سين هوڏانهن ٻي ڌر جي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان رابطو نه ٿي سگهيو جڏهن ته ايس ايڇ او مبارڪپور سلطان احمد راڄپر سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته شنباڻي برادري جا ٽي زخمي ٿاڻو تي آندا ويا هئا جنکي ميڊڪل ليٽر ڏئي علاج لاء موڪليو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ڏوهي ڌر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ڪنهن به ڌر کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏيندا سين