قانون لاڳو ڪندڙ اداري پاران ء سردار تيغون خان تيغاڻي جي ڪوشش سان ڪارنھن جي معاملي تان شروع

تڪرار ساوند ء سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين م جنگبندي ڪرائي ڇڏيون ٺاھ لاء راضي ٿي ويون ساوند برادري جو چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق علي ساوند جو ڀاء آئي بي آي جي پروفيسر شھيد اجمل خان ساوند ء سندراڻي برادري جي چيف سردار مير عابد علي خان سندراڻي جي سئوٽ وڪيل نور الاهي سندراڻي جي ٻن جو فيصلو بعد م ڪيو ويندو زريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سندراڻي برادري جو وڪيل نور الاهي سندراڻي جي وارثن ء ساوند برادري جي شھيد پروفيسر اجمل خان ساوند جي پٽ پاران ٺاھ لاء راضي ناهي جنهن بعد م ٻئي ويھي ڌريون ڪري مسئلو حل ڪندا سندراڻي برادري جو چوڻ آهي ته جنگ بندي ٿيڻ جي باوجود ساوندن اڳرائي ڪئي جنهن جي باوجود ٺاھ ڪرڻ تيار آھيون ساوند برادري جو چوڻ آهي ته اڳرائي ھميشا سندراڻي ڪئي پر پوء اسان ٺاھ لاء راضي آھيون ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ڊاڪٽر طارق علي خان ساوند چيو ته شھيد اجمل خان ساوند کي بيگناھ رستي ويندي قتل ڪيو ويو آهي پر شھيد جا قاتل اڃا تائين گرفتار ناھن ٿيا اسان قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪريون ٿا ته قاتلن کي قانوني سزائون ڏنيون وڃن ھن وڌيڪ چيو ته آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند کي شھيد ڪيو ويو ائين ئي وڪيل نور الاهي سندراڻي کي شھيد ڪيو ويو ياد رهي ته ساوند ء سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ڪارنھن جي معاملي تان شروع ٿيل تڪرار ٻن ڌرين جا 19 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ئي زخمي ٿيل آهن جھيڙي دوران بيگناھ ٿھيم برادري جو نوجوان پڻ مارجي ويو سندراڻي ء ساوند برادري م ٺاھ ٿيڻ جي خبر پوڻ تي علائقي م خوشي جي لھر ڇائيجي ويون جلد تاريخ مقرر ڪئي ويندي