جوهي جي رهواسين جو ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو لاش مين روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو ڪراچي جي نجي ڪمپني السفينه ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندڙ غلام رسول پنهور جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين چيو ته غلام رسول بيروزگاري سبب ڪافي وقت کان ڪراچي جي گئس سپلائير غني گئس ڪمپني السفينه ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور نوڪري ڪندو هو. ڪمپني اندر سيڪيورٽي انچارج شير خان راڄپر، رب نوا جوکيو ۽ ٻين نوجوان تي چوري جو ڪوڙو الزام مڙهي سخت تشدد کان پوءِ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي مظاهرين اعليٰ اختيارين کان فوري طور تي نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.