سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ جو سلسلو شروع، پولنگ جو عمل جاري

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مڪاني چونڊ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي، فيض گنج، شڪارپور، ڀان سيدآباد، خيرپور، جيڪب آباد ڪشمور، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، بينظير آباد ضلعن ۾ به ننڍي جو سلسلو جاري آهي. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو فيض گنج، جي علائقي پڪا چانگ جي وارڊ 2 تي مڪاني چونڊ ٿي رهي آهي جتي پ پ جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جا اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. پڪا چانگ جي وارڊ 2 تي جي ڊي اي جي ڪائونسلر امانت علي چانگ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي چونڊ ٿي رهي آهي اڄوڪي ٿيندڙ چونڊ لاٰ 2 پولنگ اسٽيشن حاجي حسين شاهه جيلاني ۽ ڳوٺ عزيزالدين آرائين ٺاهيون ويون آهن ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 2 تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. وارڊ 2 تي پ پ طرفان ولي محمد(ڏاڏو) سولنگي، ايس يو پي طرفان علي اصغر سولنگي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان محمد ايوب ملاح ميدان ۾ لٿل آهن. وارڊ 2 تي ٽوٽل 956 ووٽ رجسٽرڊ آهن وارڊ 2 تي مرد ووٽن جو تعداد 532 آهي ۽ عورت ووٽرز جو تعداد 424 آهي شڪارپور جي يوسي 7 جي وارڊ نمبر 3 ۾ جيئي سنڌ ۽ پ پ اميدوار وچ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي يوسي 7 سيتا وارڊ 3 ۾ پولنگ شروع ٿي وئي آهي. پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 5 وڳي تئاين جاري رهندي. پولنگ اسٽيشن جي چوڌاري پوليس اهلڪار مقرر آهن ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڊي آر او سيد عامر حسين شاهه پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو آهي. شڪارپور جي يوسي 7 جي وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار ۽ پ پ اميدوار ۾ به سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. يوسي 8 سينگار وارڊ 3 ۾ به پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي ٽنڊوآدم ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 75 تي ننڍي چونڊ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. سڀئي پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالي ورتا آهن. سيڪيورٽي جي لاءِ 50 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ به ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. ڪراچي جي ٽن يوسي، 2 وائيس چيئرمين ۽ 4 وارڊن جي سيٽن تي چونڊ جو عمل جاري آهي. ڪراچي ۾ 42 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 72 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب صدر ٽائون ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله گڏاپ ٽائون جي يوسي سيٽ تي اميدوار بيٺل آهن.