حماس جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتن لاءِ مولانا فضل الرحمان قطر پهچي ويو

جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان حماس جي اوڳاڻن سان اهم ملاقات جي لاءِ قطر پهچي ويو آهي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حماس جي سربراهه اسماعيل بانيه ۽ اڳوڻي سربراهه خالد مشعل سميت ٻين حماس اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪندا جمعيت علماءِ اسلام جي امير قطر کان پوءِ ترڪيه جو دورو ڪندا. مولانا فضل الرحمان ترڪيه ۽ قطر جي حڪومتي شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو ته جيئن جنگبندي ڪرائي سگهجي.