غزه ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري، عورتن ۽ ٻارن سميت 51 ڄڻا شهيد

غزه ۾ المغازي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 51 فلسطيني شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا فلسطيني خبرون ڏيندڙ اداري موجب شهيدن ۾ گهڻو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي. اسرائيلي بمباري سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ انفرا اسٽرڪچر کي به نقصان پهتو. اسرائيلي جنگي جهازن المغازي ڪيمپ ۾ سمعان خاندان جي گهر کي نشانو بنايو غزه ۾ صحت واري وزارت جي ترجمن اشرف القدره ٻڌايو ته اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو فرش لاشن ۽ زخمين سان ڀريل آهي اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي پنهنجي فضائي ۽ زميني حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي غزه ميڊيا آفيس جي سربراهه سلامه معروف هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 9500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 3.900 ٻار ۽ 2.509 عورتون شامل آهن.