رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ متو گهنڃو ۾ زمين جي مالڪي تان ڪوش برادري ۽ گهنڃا برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو فائرنگ نتيجي ۾ اڪبر گهنڃو موقعي تي زخمي ٿي پيو

رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ متو گهنڃو ۾ زمين جي مالڪي تان ڪوش برادري ۽ گهنڃا برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو فائرنگ نتيجي ۾ اڪبر گهنڃو موقعي تي زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث ۽ پوليس جي مدد سان رائونتي ٿاڻي تي کڻي آيا جتان ميڊيڪل لاءِ ليٽر ملڻ بعد زخمي کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو ويو هوڏانهن گهنڃو برادري جي تاجل گهنڃو ميڊيا کي ٻڌايو ته . زمين منهنجي کاتي جي آهي ڪوش برادري جا ڪجهه هٿيار بند قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، تاجل گهنڃو. هوڏانهن ساڳي زمين جي دعوا ڪندڙ ڪوش برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته زمين اسان جي آهي چاچڙ برادري ۽ گهنڃا برادري جا ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهن پيا تفصيل موجب ته رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ متو گهنڃو ۾ تاج گهنڃو سارين جي فصل جي ڪم لاءِ زمين تي پهتو ته ڪوش برادري جا ڏھ کان وڌيڪ هٿياربندن تاجل گهنڃو مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ڪوش برادري جي انڌا ڌنڌ فائرنگ جي نتيجي م اڪبر گهنڃو موقعي تي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع رائونتي پوليس کي ملندي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نينگر کي اعلاج لاءِ ٿاڻي تان ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن جهيڙيندڙ ڌرين پاران زمين جي مالڪي جي دعوا ڪرڻ لڳي ايس ايڇ او رائونتي موجب ته ڌرين ۾ ڪافي سالن کان زمين جو تڪرار هلي پيو جنهن جي ڪري جهيڙو ٿيو آهي گهنڃا برادري جي زخمي نوجوان جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويندو ايس ايڇ او رائونتي