ٺڪراٺو ۾ صحافين ۽ شھرين جو شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو

ٺڪراٺو ۾ صحافين ۽ شھرين جو شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو پوليس جي نااھلي خلاف ڇتي نعري بازي شھيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪري صحافين ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي مطالبو خبر موجب ٺڪراٺو ۾ صحافين ۽ شھرين پاران 84 ڏينھن گذرڻ باوجود شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن صحافين مير حسن منگي واجد سومرو عبدالمجيد مھر امداد منگي الھڏوايو مھتم ممتاز مھر علي نواز مھر اربيلو مھتم عطا سھتو الھڏنو علي گوھر اصغر علي عبدالڪريم مھر ڪرم علي مھتم امان الله مھر مير مري ۽ ٻين چيو ته سکر جي بھادر صحافي شھيد جان محمد مھر جا مک قاتل 84 ڏينھن گذرڻ باوجود سنڌ پوليس ۽ سکر پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي پوليس پاران فارملٽي طور چڙھايون ڪري پريس رليز جاري ڪيون ٿيون وڃن شھيد صحافي جان محمد مھرجو قتل ھڪ صحافي جو قتل نه آھي پر پوري انسانيت ۽ پوري صحافت جو قتل آھي احتجاج ڪندڙن نگران سرڪار سميت آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد شھيد صحافي جان محمد جا قاتل گرفتار ڪري صحافين ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.