اوٻاوڙ: و لڳ رائونتي ڪچي مان ڪچي ۽ پڪي تي دهشت جي علامت بڻيل بدنام زمانہ ڏوهاري ثناﷲ عرف ثنو شر کي گهوٽڪي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
پوليس موجب ته شهيد ڏيڻ محمد ٿاڻي جي حد ۾ خفيه اطلاع تي راحب شر ۽ ان جي ساٿين جي موجودگي واري جڳھ پوليس پهتي ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني جواب ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي مقابلي سبب ثنو شر گرفتار ٿي پيو ۽ چار ڏوهاري فرار ٿي ويا ثنو شر تي پنجاھ لک انعام جي سفارش ٿيل هئي ثنو شر تي ڪچي ۽ پڪي تي قتل ڦر اغوا جا ويھ کان مٿي ڪيسن سميت ٻن مغوين کي قتل ڪرڻ ۽ ڪچي ۾ ڊي ايس پي سميت پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ به روپوش هيو
ثنو شر جي گرفتاري گهوٽڪي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي ثنو شر پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ گهربل هيو ۽ ان مٿان اغوا قتل ڦر رهزني جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن..ڪجه ڪيسن هيٺ ڏجن ٿا جڏهن ته ٻين ٿاڻن ۽ پنجاب کان ڪيس معلوم ڪري رهيا آهيو