ڌاڙيل ثناءُ الله شر جو فون تي عورتن سان رابطو هوندو هو، جن سان هو ملڻ لاءِ پنهنجو روپ تبديل ڪري ڪچي کان پڪي پهتو گهوٽڪي پوليس پاران ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر سان گڏ ٻن عورتن کي به گرفٿار ڪيو آھي جيڪي پوليس تحويل ۾ آھن ثنو شر ٻه ڏينهن اڳ رائونتي ڪچي واري علائقي کان نڪتو هو جيڪو شڪارپور پهتو جٿان ٽيڪسي ڪار گهرائي ٻن عورتن سان گڏ شڪارپور کان حيدرآباد وڃي رهيو هيو ته شڪارپور ٽول پلازه وٽ گهوٽڪي پوليس گرفتار ڪيو هو هوڏانهن گھوٽڪي پوليس بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر کي رائونتي جي ڪچي مان مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کي پوليس پھري ۾ ايس ايس پي آفيس آندو ويو ايس ايس پي گھوٽڪي انور کھيتران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي رائونتي ڪچي مان مقابلي بعد ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو ويو آھي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آھن