اسلام آباد، سپريم ڪورٽ ۾ نون ججز جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ 3 نون ججز حلف کڻي ورتو رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ٽنهي نون ججز کان حلف ورتو حلف کڻندڙ نون ججز ۾ جسٽس اطهر من الله، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز، بار ڪائونسل جي نمائندن، سينئر وڪيلن، عدالتي آفيسرن ۽ عملي کان علاوه ججز جي گهر ڀاتين پڻ شرڪت ڪئي. 3 نون ججز جي مقرري کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو ٽوٽل انگ 15 ٿي ويو آهي. جهن ته اڃان تائين وڌيڪ 2 ججز جون سيٽون خالي آهن ياد رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري جي منظوري ڏني هئي
