اسلام آباد،عمران خان نااهلي،لاهور هاءِ ڪورٽ لارجر بئنچ لاءِ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد، توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي واري ڪيس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ لارجر بينچ کي جوڙڻ جي لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي چيف جسٽس کان لارجر بينچ بنائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. عمران خان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي محمد آفاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواسگذار طرفان وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، عمران خان ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي درخواست گذار چيو آهي ته عمران خان اين اي 95 تان نااهل ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي ان لاءِ عمران خان پارٽي چيئرمين شپ جو استحقاق به نٿو رکي. عمران خان کي پارٽي چيئرمين تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي هاءِ ڪورٽ پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته درخواست ۾ اهم ۽ قانوني نڪتا اٿاريا ويا جن جي تشريح لاءِ لارجر بينچ ٺاهيو وڃي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل نصير احمد درخواست جي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي اعتراض ڪيو. وفاقي حڪومت جي وڪيل موقف ڏنو ته لاڳاپيل وزارت کي ڌر ناهي بڻايو، قانون واري وزارت لاڳاپيل ڌر آهي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪيس جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪيس لارجر بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وڪيل لارجر بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض نه ڪيو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به پارليامينٽ ميمبر کي سڌو سنئون نااهل قرار نٿو ڏئي سگهي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عديل اشرف جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي جواب داخل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت اٽارني جنرل کي مدد جي لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو