اوٻاوڙي لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ حساس ادارن جي خفيا اطلاع تي رينجر ۽ پوليس جي گڏيل ڪاروائي وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ايس ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان افتخار چوڌري پريس ريليز جاري ڪندي چيو ته ايس ايڇ او کنڀڙا اعجاز جسڪاڻي حساس ادارن جي خفيا اطلاع تي رينجر سان گڏ کنڀڙا ٿاڻي جي حد محمد حسن ڪوش جي اوطاق تي ڇاپو هڻي پنجن جوابدارن نواب عرف نوابي ڪوش کان روگر رائفل 100 گوليون پنج ميگزين عمر ڪوش کان هڪ رپيٽر پنج ڪارتوس محمد حسن ڪوش کان هڪ پسٽل چار گوليون فلڪ شير ڪوش کان هڪ پسٽل ٻه گوليون امداد ڪوش هڪ پسٽل ٽي گوليون هٿ ڪري گرفتار ڪري ورتو کنڀڙا ٿاڻي جدا جدا آرمز ايڪٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو