اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت اسلام آباد ۾ عدالتي حڪم جي باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ڳالهيون نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان فون تي ڳالهيون ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي سپرنٽينڊنٽ جواب ۾ چيو ته 18 آڪٽوبر تي خصوصي قدم کڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس پٽن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي پر واٽس ايپ تي پرڏيهه ۾ مستقل فون تي ڳالهيون ڪرائڻ جي سهوليت موجود نه آهي. عدالت ان حوالي سان گهرو وزارت پنجاب کي رولز ۾ ترميم جي هدايت ڪري سگهي ٿي. جيل پي سي او جي ذريعي گهر ڀاتين ۽ وڪيلن سان قيدين جي ڳالهه ٻولهه جي سهوليت ڏني ويندي آهي. آءِ جي جيل طرفان آفيشل سيڪريٽ جي جوابدارن بابت خط جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جوابدارن کي پي سي او جي سهوليت مليل نه آهي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊٽ جواب ۾ استدعا ڪئي ته عدالتي حڪم عدولي جي باري ۾ سوچي به نٿو سگهان، منهنجي خلاف توهين عدالت جي درخواست ختم ڪئي وڃي.