خيرپور :شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪريڪٽر بلڊنگ سوسائٽي ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) سکر پاران خود احتسابي ھڪ بھترين احتساب آھي جي عنوان تي ٽن زبانن ۾ تقرير، مضمون لکڻ ۽ مصوري جا مقابلا منعقد ٿيا. مقابلن جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽڳ ڪئي جڏھن تہ نيب سکر جي آگاھي ۽ روڪ ٿام ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران احمد منڱريو خاص مھمان ھئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ خود احتسابي هڪ تمام اهم عمل آهي. بدعنواني جي لعنت کي ختم ڪرڻ اسان جو اجتماعي فرض آهي. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ نوجوان سماج ۾ خود احتسابي جي تصور کي ڦهلائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وائيس چانسلر نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نيب جي مضبوط عزم کي ساراهيو ڇو تہ نوجوان مستقبل ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا. عمران علي منڱريو چيو تہ نيب جي آگاهي ۽ روڪٿام واري ونگ جو مقصد عوام ۾ بدعنواني خلاف آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي. ڪريڪٽر بلڊنگ سوسائٽي شاگردن جي ڪردار سازي ۽ اخلاقي قدرن کي وڌائڻ لاءِ وڏي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو تہ پيشواراڻي زندگي ۾ خود احتسابي جي تصور کي محسوس ڪرڻ لاءِ سڀني کي ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو تہ اسان سڀ الله جي آڏو جوابده آهيون. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو تہ نيب بدعنواني جي خاتمي واري اداري جي حيثيت سان سماج ۾ بدعنواني، فراڊ ۽ مني لانڊرنگ خلاف سرگرم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. هن چيو تہ نيب آرڊيننس کي نظر ۾ رکندي سرڪاري يونيورسٽين ۾ هزارين ڪريڪٽر بلڊنگ سوسائٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ۽ عمران علي منڱريو جو انهن مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيسي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز چيو تہ اسلامي حڪمن جي مطابق خود احتسابي هڪ بهترين صفت آهي. هن چيو تہ خود احتسابي خدا جو خوف پيدا ڪري ٿي ۽ اسان جو مذهب اسلام اسان کي خود احتسابي جو حڪم ڏئي ٿو. انگريزي زبان جي تقريري مقابلي ۾ عائشہ اختر پهرين، صبا امان ٻي ۽ غلام حيدر مير ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. اردو تقريري مقابلي ۾ شهزاد زيب، اسد عباس ۽ جواد حسين ترتيبوار پهرئين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌي تقريري مقابلي ۾ محمد بخش، محمد آصف ۽ مهتاب علي ترتيبوار پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. انگريزي ٻوليءَ ۾ مضمونن لکڻ جي مقابلي ۾ ابرار احمد پھرين، سونھ پرھ ناريجو ٻي ۽ وسيم مشوري ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمونن لکڻ جي مقابلي ۾ شهزاد زيب پهرين، ساگر علي ٻي ۽ الله رکيو ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ آصف علي پهرين، مقيم علي ٻي ۽ دانش علي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پينٽنگ جي مقابلي ۾ رباب فاطمہ، سرتاج علي ۽ شاهد علي ترتيبوار پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. مقابلن جا ججز ڊاڪٽر محمد رمضان ڪولاچي، مجيب الرحمان سولنگي ۽ عرفان علي لاشاري هئا. مقابلن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. مقابلن ۾ محمد مراد پيرزادہ، غلام مجتبي جتوئي، شازيہ سولنگي، زوهيب شفقت ميمڻ ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري ۽ عبدالرزاق بلوچ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا.