سموري ملڪ ۾ اڄ علامه اقبال جو 146هون يوم پيدائش ملهايو پيو وڃي. ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي حڪيم الامت جو لقب ماڻيندڙ علامه محمد اقبال نوجوانن ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو پيدا ڪيو ۽ قوم کي بيداري جو سبق ڏنو علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي مسلمان امت کي يڪجهتي جو پيغام ڏنو. يوم اقبال جي حوالي سان اڄ صبح لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب کان علاوه سڄي ملڪ ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن علامه اقبال ويهين صدي جو عظيم شاعر، مصنف، قانوندان، سياستدان ۽ تحريڪ پاڪستان جي اهم شخصيتن مان هڪ هو. سندس شاعري کي اڄ به مان ڏنو ويندو آهي علامه اقبال 9 نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اباڻي شهر ۽ لاهور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1905ع ۾ برطانيه مان وڪالت ۽ بعد ۾ جرمني مان فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي ڊاڪٽر علامه اقبال 1910ع ۾ ملڪ واپسي کان پوءِ شاعري ذريعي فڪري ۽ سياسي طور پرمنتشر مسلمانن کي خواب مان جاڳايو. سياستدان جي حيثيت سان سندس وڏو ڪارنامو نظريه پاڪستان جي جوڙجڪ آهي. اهوئي نظريو بعد ۾ پاڪستان جي قيام جي بنياد بڻيو علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو کيس بادشاهي مسجد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.