مدئجي ڀرسان ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جيها ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ جيها-ڏاهاڻي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا آهن ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مدئجي ٿاڻي جي حد ڇتو منگي سم شاخ وٽ جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن پاران هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جيها ڌر جو گلزار ککراڻي ۽ ڏاهاڻي ڌر جو شهزادو پٽ عبدالغفور عرف غفوري ڏاهاڻي مارجي ويا، جنهن بعد ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، فائرنگ سبب سمورو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهون گهرن تائين محدود هئا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ ايل ايڇ او مدئجي شاهد ميمڻ ٻڌايو ته اسان اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪيو آهي،جتي ضروري ڪاروائي بعد واثن حوالي ڪئي وئي آهي ياد رهي ته ڪجهه وقت پهريان پيار جي پرڻي تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيل آهن، ٻئي طرف مدئجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي ڳوٺن ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.