ٺڪراٺو ۾ مهتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو  لٺين لڳڻ سبب ٽي عورتون زخمي زخمي عورتن کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي ويا جتان پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء  تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو

ٺڪراٺو جي ڀوڳڙي پاڙي ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فصل ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو لٺين جو وسڪارو جنھن جي نتيجي ۾ 3 عورتون مائي وزيران صدوري ۽ زاھدان مھتم زخمي ٿي پيون زخمي عورتن کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي ويا جتان پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء  تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو مبينا زخمي عورتن پنھنجن مردن سان گڏ پريس ڪلب پھچي مخالفن خلاف احتجاجي مظاهرو احتجاج ڪندڙن محمد اسماعيل عبدالمجيد قربان ارشاد مائي وزيران ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳايو آھي ته لياقت جميل الھداد مھتم ۽ ٻين  بلا جواز زمين ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو الزام ڏئي عورتن تي تشدد ڪيو آھي پاڻي جو وارو به انهنجو زمين به انهنجي پاڻي ج وارو ڏيري احمد زمان جو اسان مٿان هروڀرو لياقت ۽ انجي پٽ 10 ٻارهن ماڻهن ساڻ ڪري اسان تي حملو ڪري اسانجي ٽن عورتن کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن زخمين کي ٿاڻو تي کني ويا سين ته ايس ايڇ او مبارڪپور وڏيري جي چوڻ تي اسانجي ڌر جا ٻھ ماڻهون اندر ڪري ڇڏيا آهن  اسان بيقصور آھيون تڏهن پوليس به اسان سان ناانصافي ٿي ڪري جڏهن ته هو بااثر وڏيري جا ماڻهون آهن تڏهن مبارڪپور پوليس انهنجي وانگارو آهي احتجاج ڪندڙن ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڏنو وڃي ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي لياقت مھتم رابطي تي ٻڌايو آھي ته عبدالمجيد وارن اسانجي زمين ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري سارين جو فصل ٻوڙي نقصان ڪيو آھي الزام بي بنياد آھن جاچ ڪرائي وڃي ھوڏانھن مبارڪپور پوليس سان رابطو ڪرڻ  تي انهن ٻڌايو آھي ته ٻنھي ڌرين ۾ پاڻي فصل ۾ ڇوڙ ڪرڻ تان جھيڙو ٿيو آھي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.