ڪنڌڪوٽ:بخشاپور ڀرسان ڳوٺ محمد نواز ڀٽو ۾ ٻھ سالا اظھر پٽ نور محمد ڀٽو پنھنجي گھر اندر راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪري پيو وارثن ڪافي ڳولا کان پوء معصوم ٻارڙي کي بيھوشي واري حالت ۾ ڪڍي اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي لاش گھر پچڻ تي ڪھرام مچي ويو جيجل امڙ کي بيھوشي جا دورا رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڳوٺ محمد نواز ڀٽو ۾ ڪافي سالن کان وٺي گندي پاڻي جو نيڪال ناھي ان لاء گھر ۾ اندر ھڪ گٽر گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ٺاھيو ھو