تفصيل موجب ڪوئيٽا کان ڪراچي ۾ علاج لاءِ ايندڙ 35 ورهين جو ڪانگو وائرس جو مريض فوت ٿي ويو صحت کاتي جو چوڻ آهي ته مريض کي اڄ صبح نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو هو، ڊاڪٽرن مريض کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو پر هو بحال نه ٿي سگهيو واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۾ به ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي ايڊوائزري جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ صوبي جي سمورن اسپتالن کي ڪانگو وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ڪانگو وائرس نه رڳو بلوچستان ۾ هر سال وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو پر موت جو کاڄ بڻجي ٿو تازو ئي ڪوئيٽا ڪانگو وائرس جي اوچتو پکڙجڻ سبب هي وائرس بلوچستان حڪومت لاءِ وڏي ڳڻتي جو باعث بڻيل آهي ۽ طبي عملدارن ۾ به ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن سبب نه رڳو بلوچستان جي ٻين وڏن سرڪاري اسپتالن جو عملو متاثر ٿيو آهي پر اي. نوجوان ڊاڪٽر پڻ مري ويو.