سڄي ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ اهم خبر

تفصيل موجب ڊي سي اوز 22 ارب 56 ڪروڙ رپين جي اضافي لوڊشيڊنگ صارفين تي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن جو اطلاق بجلي صارفين تي به ٿيندو نيپرا هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ نظرثاني نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب جولاءِ کان سيپٽمبر جي ايڊجسٽمينٽ ٽيرف کي حڪومتي هدايتن موجب هڪجهڙو رکيو ويندو نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، نيپرا پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي 14 نومبر تي ٻڌڻي ڪندو ڪمپنين ڪيپيٽي چارجز جي مد ۾ 12 ارب 126 ملين رپيا وصول ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي آهي، جڏهن ته سسٽم چارجز جي مد ۾ 10 ارب 247 ملين رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي آپريشن ۽ مينٽيننس جي مد ۾ 4 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا ۽ نقصان جي مد ۾ 6 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.