خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو

خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينه ختم ٿي وئي آهي اعظم خان کي گذريل رات اسپتال آندو ويو هو جتي هو صحتياب نه ٿي سگهيو. آر ايم آءِ اسپتال جي ترجمان موجب اعظم خان کي ڪالهه رات دل جي تڪليف سبب اسپتال آندو ويو هو ان جي طبيعت رات کان ئي ڳڻتي جوڳي هئي، هو دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو اعظم خان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي کيس آءِ سي يو ۾ رکيو ويو هو. اسپتال جي ڊاڪٽر جميل موجب نگران وڏي وزير جي 4 ڏينهن کان طبيعت خراب هئي. جنهن کان سندس رات حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي هئي. رات ساڍي 8 وڳي سندس رپورٽ آئي هئي جنهن کان پوءِ اڄ آپريشن جو فيصلو ڪرڻو هو. ڊاڪٽر جميل موجب اعظم خان صبح وڳي واش روم ويو جنهن کان پوءِ هو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو چارسده سان تعلق رکندڙ محمد اعظم خان کي 21 جنوري 2023 تي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو هو. اعظم خان ملڪ جي سينئر ترين بيورو ڪريٽس منجهان هڪ هو. محمد اعظم خان صوبائي وزير ۽ نگران وفاقي وزير طور به ڪم ڪري چڪو هو. اعظم خان وفاق ۾ پيٽروليم ۽ ٻين شعبن ۾ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون نگران وڏي وزير جي لاڏاڻي کان پوءِ نگران ڪابينه به ٽوڙي وئي آهي. اعظم خان صوبائي نگران ڪابينه جي آخري اجلاس جي صدارت به نه ڪري سگهيو. اهي فرض نگران وزير سيد مسعود شاهه انجام ڏنا. ياد رهي ته نگران صوبائي ڪابينه ٻيون ڀيرو ختم ٿي وئي آهي. پهريون ڀيرو سمورن نگران وزيرن پاڻمرادو استعيفائون ڏنيون هيون.