نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غزه جي صورتحال تي سعودي عرب ۾ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي غيرمعمولي گڏيل اجلاس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته ڌار فلسطيني رياست ئي مسئلي جو اڪيلو حل آهي، غزه ۾ قتل عام روڪرائڻ جي ذميواري سلامتي ڪائونسل تي لاڳو ٿئي ٿئي.
پهنجي خطاب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته 70 سال اڳ گڏيل قومن ٺهراءَ ذريعي فلسطين مسئلي جي حل جو فيصلو ڪيو، غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام روڪيو وڃي، ناانصافي ۽ معصوم شهرين جي قتل عام سان تڪرار وڌندو هن چيو ته اسرائيلي بمباري سان اسپتالون، اسڪول، يو اين آفيسون به محفوظ ناهن، غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو، پاڪستان 1967ع جي سرحدن موجب فلسطين رياست جي قيام جو حامي آهي سندس چوڻ هو ته غزه ۾ فوري طور انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، عالمي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي ان جو گهيرو تنگ ڪري.